اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته براڊشيٽ معاملي تي پهرين ئي وزيراعظم عمران خا?? انڪوائري ڪميٽي ٺاهي چڪو آهي، جيڪا 45 ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ڪندي. هو قومي اس??مبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اس??ينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اس??ينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انڪوائري رپورٽ اطلاعات واري ڪميٽي سان شيئر ڪئي ويندي، وفاقي وزير چيو ته براڊشيٽ معاملو اطلاعات واري ڪميٽي جي دائري ۾ نٿو اچي، اهڙي وقت ۾ جڏ??ن انڪوائري ڪميٽي قائم ٿي چڪي هجي ته ڪميٽي پاران نيب چيئرمين جي طلبي مشڪلات پيدا ڪندي. هن تجويز ڏني ته جڏ??ن انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ايندي ته ڪميٽي ان کانپوءِ ضروري سمجهي ته ان معاملي کي بحث هيٺ آڻي.