اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ا??وڻي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار انٽرويو ڏئي مڪمل طور تي پاڻ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جو سدائين موقف رهيو آهي ته هن من??م طريقي سان مني لانڊرنگ ڪئي، شريف فيملي جي غيرقانوني طريقي سان اثاث?? وڌائڻ ۾ پڻ اسحاق ڊار جو ??رد??ر رهيو آهي. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي گذريل 40 سالن کان واريون وٺنديون آهن، انهن ماڻهن عوام جي ڪا خدمت ناهي ڪئي، ٻنهي پارٽين ٻنهي هٿن سان قومي ناڻي کي ڦري پنهنجا اثاث?? وڌايا ۽ ملڪي معيشت تباهه ڪئي. شبلي فراز چيو ته ا??وڻن حڪ??رانن هر دور ۾ قانون کي غلط استعمال ڪيو.