لاهور – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فر??وس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت فلمي صنعت ۽ سئنيما کي صنعت جو درجو ڏيڻ جو فيصلو ??يو آهي، فلم کي سينسر ڪرڻ جو اختيار فيڊرل سينسر بورڊ وٽ هوندو، فلمي صنعت ذريعي تهذيب، قدرن ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ترجيح آهي، عوام پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ وزيراعظم عمران خان کي پنهنجو مسيحا بڻائي چڪي آ??ي، نيب آزاد ادارو آهي. فلم ا??ڊس??ري جي وفد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فر??وس عاشق اعواڻ چيو ته نئين فلم پاليسي جي حوالي سان ڌرين سان مشاورت ٿي آ??ي ۽ نئين فلم پاليسي ۾ ڌرين جي تجويزن کي شامل ??يو ويندو، فلمي صنعت جي بحالي لاءِ حڪومت هر ممڪن تعاون ڪندي.