اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گهٽ آمدني و??رن غريب ماڻهن کي سستي گهرن جي سهولت فراهم ڪرڻ حڪومت ??ي اولين ترجيح آهي، شهرن ۾ ڪچين آبادين ۾ گهڻ ماڙ عمارت جي تعمير سان غريب ۽ پيڙهيل طبقي جي رهائش جو مسئلو حل ٿيندو، سمورين وزارتن جي ملڪيتن کي عوامي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻ بابت قانونن ۾ ترميم لاءِ تجويزون هڪ هفتي مڪمل ڪري ڪابينا ۾ پيش ڪيون وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي حڪومت ??ي استعمال ملڪيت غير استعمال قيمتي زمين کي مثبت طريقي سان استعمال ۾ آڻڻ ج?? حوالي سان هيستائين ??ي اڳڀرائي جي سلسلي ۾ جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.