گوادر – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي آخري پساهن ۾ آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ڀڄندي ڪجهه ڪارروايون ڪري پنهنجي وجود جو تاثر ڏئي رهيا آهن، اسان وڏو معرڪو عبور ڪري ورتو آهي. ڪيترن ئي ترقياتي منص??بن جي افتتاح ۽ پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته ??وادر ۾ بجلي ۽ صاف پاڻي جي منص??بن تي ڪم جاري آهي، منص??بن سان نه رڳو گوادر پر بلوچستان جي ٻين علائقن کي پڻ پاڻي ۽ بج??ي ملندي، گوادر ۾ عالمي سطح تي ايئرپورٽ ٺهي رهيو آهي، گوادر پاڪستان جو سڀ کان اهم شهر بڻجڻ وڃي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ??ه چين نه رڳو پاڪستان جو دوست آهي پر گوادر منصوبي ۾ حصيدار پڻ آهي، گوادر بندرگاهه پاڪستان ۽ چين ٻنهي جي لاءِ هڪ جهڙو فائديمند آهي.