لاهور -03 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي خ??ص ص??احڪار ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته فوج ملڪ جي امن ۽ استحڪام ۽ سلامتي جي ضامن آهي، اسان جي فوج اسان کي ڪو صحيح ڪم ڪرڻ ??ان ناهي روڪيندي، جيڪڏهن اسان جي ڪا ڪوتاهي آهي ته ان جو ملبو فوج تي نٿو وجهي سگهجي. نواز شريف جو هميشھ فوج سان ئي جهيڙو رهيو، ڇاڪاڻ ته فوج ئي اهو واحد اد??رو آهي جيڪو ملڪي مفاد خلاف قدمن تي نواز شريف کان سوال پڇندو آهي. اهڙو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ک?? خطاب ڪندي ڪيو.