اسلام آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه روانگي واپار ۾ اضافو ۽ دولت جي پيداوار حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جئين ملڪي معيشت مستحڪم ٿئي، ان سلسلي ۾ حڪومت صنعتي شعبي جي سهولتڪاري ۽ سموريون امڪاني مراعتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مينوفيڪچرنز ۽ مختلف ايسوسيئيشنز جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڪيو، وفد ۾ ميان ذڪاءُ الرحمان، اعظم فاروقي، انيس خواجه، ميان ادريس، عمر احسن خان، شاهد ع??دا??له، ڪريم عزيز ملڪ، عباس اڪ??ر خان، عاطف اڪرم شيخ، سعادت اعجاز ۽ الماس حيدر شامل هئا، صنعت وارو وزير حماد اظهر، صلاحڪار ع??دا??رزاق دائود، ڊاڪٽر ع??دا??حفيظ شيخ، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر ڊاڪٽر رضا باقر ۽ ٻيا سينئر آفيسر به ملاقات ۾ موجود هئا