اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشميرين جي اڻٽر حمايت جو ورجاءُ ڪندي چيو آه?? ته والاريل ڪشمير جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، انهن جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، پاڪس??ان جي ڪامياب سفارتڪاري جي ڪري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، انساني حقن جي عالمي تنظيمن، چين، ترڪي ۽ سعودي عرب سميت ٻين دوست ملڪن ڪشمير مسئلي تي پاڪس??ان جي موقف جي حمايت ڪئي آه??، هٿياربند فوج ۽ پاڪستاني قوم دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو جنهن تي کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، افغانس??ان ۾ امن جي لاءِ امن معاهدو اهم قدم آه??، پاڪس??ان افغانس??ان ۾ امن جو خواهشمند آه??، سي پيڪ سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي جي نئين دور جو آغاز ٿيو آه??، ڪورونا وائرس جي باوجود پاڪس??ان جي معاشي انگ اکر مثبت راهه تي گامزن آه??، حڪومت جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ قوم جي تعاون سان ڪورونا وائرس جي خلاف ڪاميابي ملي، گذريل ٻن سالن جي دوران حڪومت ۽ قوم ڪرپشن جي خلاف علم بلند ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن 74 ه??ن يوم جشن آزادي جي مرڪزي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.