اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خا?? سريلنڪا جي صدر گوتابايا راجا پاسڪا کي ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس ٻه طرفي لاڳاپن،علائقائي صورتحال ۽ ٻ??ن معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن سريلنڪا جي صدر کي پاڪستان ۾ ان حوالي سان تازي صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ حڪومت طرفان ڪووڊ 19 جي پکيڙ کي روڪڻ، قيمتي انسانن جي تحفظ، روزگار جي ذريعن کي محفوظ بڻائڻ ۽ معاشي بحالي جي لاءِ حڪومت طرفان کنيل قدمن بابت تفصيلي ط??ر آگاهه ڪيو.