اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آ??ي ته ايس او پيز جون خلاف ورزيون جاري رهيون ته ايندڙ مهيني تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳا??هائيندي ان خدشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران ڪورونا و??ئرس تي ضابطو آڻڻ جي ل??ءِ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا و??ئرس ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته جون جي وچ تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ ڏيڍ لک تائين پهچي ويو آ???? ۽ ??اهرن موجب جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته جون جي آخر تائين 3 لک جڏهن ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳا??هائيندي اسد عمر چيو ته يقينن اها ڳا??هه پريشان ڪندڙ آهي پر سٺي ڳا??هه اها آهي ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ اسان انتظامي قدمن جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ئي ايس او پيز جون خلاف ورزيون ڪندڙن جي خلاف ايڪشن ورتو پيو وڃي جڏهن ته اين سي او سي هاڻي اهڙن ماڻهن جي خلاف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو آ??ي.