اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي ??ي پي) وزيراعظم ع??ران خان نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اي ايس ايف اهلڪارن پاران م??افرن سان بداخلاقي جي واقعي جو نوٽيس وٺندي لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. بيان موجب وزيراعظم رياض کان پشاور فلائيٽ واقعي جي عبوري رپورٽ ملڻ تي هوابازي ڊويزن کي لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي ۽ ايئرپورٽ مئنيجر طاهر سڪندر، ڊيوٽي ٽرمينل مئنيجر ظهير ۽ ??لڪ اڪرم کي فوري طور تي معطل ڪرڻ سميت صورتحال کي پيشيواراڻي انداز ۾ منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي تي ڄاڻايل آفيسرن خلاف ضابطي جي ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.