سکر- 28 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته انسانيت جي خدمت ئي اصل قيادت آهي، ??کر ۾ عالمي معيار جي اسپتال جي قيام ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ سندس خا??دان جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، حيدرآباد ۾ انهي معيار جي اسپتال ٺاهي ويندي، ڊاڪٽر ضياالدين اسپتال جي يونيورسٽي لاءِ سنڌ حڪومت فنڊ فراهم ڪندي. ڊاڪٽر ضياالدين اسپتال يونيورسٽي ڪيمپس جي افتتاح واري تقريب کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري، ڊاڪٽر عاصم حسين جي خا??دان جي صحت جي شعبي ۾ شاندار خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ڊاڪٽر ضياالدين اسپتال جو قيام صدقه جاريه آهي، ??نهن جو ثواب ڊاڪٽر عاصم جي خا??دان کي ته پهچندو، اسان کي به ان خير واري ڪم جو ثواب ملندو. صدر مملڪت چيو ته ڊاڪٽر عاصم جو نانا پاڪستان ٺهڻ کان اڳ هندستان جي ممبئي اسيمبلي جو ميمبر هو ۽ ريلوي جي شعبي جو ڊپٽي ايڊوائيزر ۽ قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ ڪم ڪندو رهيو ۽ اڄ سندس نسل ان ميراث کي اڳتي وڌائي رهي آهي. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سٺا خا??دان پاڪستان آيا، انهن جي مدد ڪئي وڃي ته اهي ملڪ ۽ قوم جي تعمير ۽ ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر ضياالدين اسپتال جي يونيورسٽي لاءِ سنڌ حڪومت خرچ برداشت ڪندي ته جيئن هتي ڏورانهن علائقن مان تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ شاگردن جي خدمت ٿي سگهي. حيدرآباد ۾ اسپتال قائم ڪرڻ لاءِ ذاتي زمين فراهم ڪئي آهي، ??تي به عالمي معيار جي اسپتال ٺهندي. بلوچستان ۾ حڪومت فنڊ فراهم ڪري اتي به ڊاڪٽر ضياالدين اسپتال ٺهندي، ??کر کي ٻين شهرن وانگر ترقياتي منصوبا ڏيڻ چاهيون ٿا. روهڙي جي آغاز کان واهه کي پڪو ڪرڻ وڃي رهيا آهيون جنهن ت?? 15 ??رب روپيا روهڙي جا خرچ ٿيندا. جيڪي ڪاربن ڪريڊٽ کان آيا آهن ته جيئن هتان سڄو پاڻي صاف ٿي نڪري. قائد عوام جي ان روايت تي هلندا رهنداسين ته غريب عوام جي خدمت ڪئي وڃي ۽ سنڌ حڪومت تي زور ڀريون ٿا ته عوامي خدمت کي ترجيح ڏي. ان موقعي تي صدر مملڪت، ڊاڪٽر ضياالدين اسپتال يونيورسٽي ڪيمپس جو افتتاح پڻ ڪيو. ان کان اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به تقريب کي خطاب ڪيو ۽ چيو ته سنڌ حڪومت نجي شعبي جي عالمي معيار جي اسپتال جي سکر ۾ قيام جي آجيان ڪري ٿي ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين جي خدمتن کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت سرڪاري، نجي حصيداري سان صحت ۽ تعليم جي شعبن جي حوصلا افزائي ڪندي ۽ هر ممڪن عوامي خدمت جو سلسلو جاري رکندي، ??حت جو شعبو اسان جي اولين ترجيح آهي. تقريب ۾ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي، پارليامينٽ جي ميمبرن، ڊاڪٽر عاصم حسين، علائقي جي چڱن مڙسن ۽ سرندي وارين شخصيتن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.