اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان ترميمن، سوسائٽيز، رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ ترميمن، ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائينز ۽ خيبرپختونخواهه صوبي جي سمورن ڊسٽر??ٽ اينڊ سيشن ججز کي ا??شورنس ٽربيونل جا اضافي اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وز??را??ظم آفيس پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وز??را??ظم محمد شهب??ز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس وز??را??ظم هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا روينيو ڊويزن جي سفارش تي ا??ڪم ٽيڪس آرڊيننس 2024ع ۾ بئنڪنگ ڪمپنيز جي حوالي سان ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي سوسائٽيز رجسٽريشن ايڪٽ 1860ع ۾ ترميمن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا موسمياتي تبديلي ۽ موسمياتي ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي سفارش تي ڪاربن مارڪيٽ ۾ واپار جي حوالي سان پاليسي گائيڊ لائينز جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا معزز پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪمن ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي خيبرپختونخواهه صوبي جي سمورن ڊسٽر??ٽ اينڊ سيشن ججز کي ا??شورنس ٽربيونل جا اّتيار ڏيڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي.