لاڙڪاڻو – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف ??لي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 17هين ورسيءَ جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ سندس مزار تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي ۽ گل چاڙهيا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف ??لي زرداري شهيد ذوالفقار ??لي ڀٽو ۽ ٻين شهيدن جي مزارن تي پڻ گل چاڙهيا. صدر ڀٽو خاندان جي شهيدن جي ا??صا?? ثواب لاءِ قرآن پاڪ جي تلاوت ڪئي ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لا??ِ دعا ڪئي.