اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي)اسلام آباد ۾ سعودي سفا??تخ??ني، پاڪستان جي باني قائداعظم محمدعلي جناح جي پيدائش جي موقعي تي پاڪستان جي عوام کي مبارڪ پيش ڪئي آهي. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ سعودي سفا??تخ??ني قائداعظم محمدعلي جناح کي ڀرپور خرا??ِ تحسين پيش ڪيو، جنهن جي ڏور رس قيادت ۽ اڻٿڪ ڪوشش?? پاڪستان جو بنياد رکيو. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار لاڳاپن کي اجاگر ڪندي عظيم اڳواڻ جي ن??رين ۽ ميراث جي تعريف ڪئي. اهو پيغام سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ گهري ڀائراڻي ۽ گڏيل احترام جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ ٻنهي ملڪن جي تاريخي ن??تن کي مضبوط بنائڻ جي گڏيل عزم کي اجاگر ڪري ٿو.