اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳ??لهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي ترقياتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي دالبندين ايئرپورٽ جي هنگامي بنيادن تي نئين سر تعمير ۽ بحالي تي سينيٽ چيئرمين وزيراعظم ک?? خراج تحسين پيش ڪيو. سينيٽ چيئرمين وزيراعظم جي قيادت ۾ معاشي ٽيم جي آءِ ايم ايف سان معاهدي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ڪوششن تي وزيراعظم ک?? خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو و??اقي وزير سردار اياز صادق، وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي ۽ فني تربيت وارو و??اقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما ۽ خاص معاون عط?? تارڙ موجود هئا.