اسلام آباد – 17 – جو??اء?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سريلنڪا جي صدر رانيل وڪرما سنگهي سان ??الهه ٻولهه ڪري خوشي ٿي، جنهن ۾ عالمي مالياتي فنڊ جي ايم ڊي سان ملاقات دوران پاڪس??ان جي حمايت ڪرڻ تي ان جا ٿورا مڃيا. پاڪس??ان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست رهيا آهن ۽ هر حال ۾ هڪ ٻئي سان ??ڏ بيٺل رهيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ت?? ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪس??ان ۽ سريلنڪا ويجها اتحادي ۽ دوست رهيا آهن، مون کي ياد آهي ته ڪهڙي طرح سريلنڪا جي ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم ڊينگي وبا کي منهن ڏيڻ ۾ پنجاب حڪومت جي مدد ڪئي، ان وقت ان وبا سان لاهور ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون هيون. وزيراعظم چيو ت?? پاڪس??ان ۽ سريلنڪا جا ٻطرفا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ نيڪ نيتي ۽ سٺي پاڙيسريت تي ٻڌل آهن، پنهنجي دوستاڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ??اء?? آئون سريلنڪن صدر سان ??ڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان.