اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان بلوچستان نيشنل پارٽي جي چيئرمين ۽ قومي اسيمبلي ميمبر سردار اختر مينگل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحا?? تي مشاورت ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب م??اقات ۾ بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ امن امان جي صورتحا?? تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ وزيراعظم بلوچستان نيشنل پارٽي جي حڪومت جي سڌاراجاتي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم ملڪي بهتري جي لاءِ حڪومت جي هر فيصل?? ۾ ??لوچستان نيشنل پارٽي جي حمايت تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، سردار اياز صادق، احسن اقبال ۽ وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما پڻ شريڪ هئا.