اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جو ڇهون دور انقره ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان پاڪستان جڏهن ته ترڪيءَ جي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير بورڪ ??ڪاپر ڪري رهيو آهي. ڌريون ڳالهه ٻولهه ۾ سياسي، اقتصادي، سيڪيورٽي، سماجي ۽ ثقافتي جدتن تي ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺنديون. ان دوران اعليٰ ترين اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل ۽ اسٽريٽجڪ اڪنا??ڪ فريم ورڪ ??يڇ ايل ايس سي سي سميت مختلف اداراجاتي مڪينزم جو جائزو ورتو ويندو. خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ گهڻ رخي فورمز تي تعاون تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿيندي. بيان موجب ??ها مشاورت اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايڇ ايل ايس سي سي جي ايندڙ دور جو مرحلو طئي ڪندي. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا مذهب، ثقافت ۽ تاريخ ??ي مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن.