اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??اڪستان جي سيڪيورٽي ايجنسي پاران دهشتگرد گلزار امام ش??بي کي گرفتار ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. هڪ ٽ??ئيٽ ۾ صدر چيو ته آئون پاڪستان جي انٽيلي جنس ايجنسي کي انتهائي نفيس ۽ گهري آپ??يشن کانپوءِ ان گرفتاري تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته حقيقت ۾ اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي. صدر چيو ته اهڙي طرح جون منصوبابند ڪارروايون بلوچستان ۾ امن ۽ خوشحالي آڻڻ ۾ تمام گهڻيون مددگار ثابت ٿينديون. صدر چيو ته آئون آءِ ايس آءِ، ان جي قيادت ۽ عملي جو ٿورائتو آهيان جن ان آپ??يشن ۾ حصو ور??و ۽ ان کي ڪامياب بڻايو.