??سل??م آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مسلمان امت ۾ اتحاد ۽ خطي ۾ استحڪام جي حوالي سان سعودي عرب جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي کي ساراهيندي چيو آهي ته سوڊان مان پاڪستانين کي ڪڍڻ ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اهڙن خيالن جو اظهار سعودي پرڏيهي وزير ??يص?? جان فرحان سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي سعودي هم منصب ??يص?? بن فرحان کي ع??د جون مبارڪون ڏنيون. سعودي پرڏيهي وزير سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري خادم الحرمين شريفين سلمان بن عبدلعزيز، ولي ع??د محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي ع??ام لاءِ پڻ مبارڪباد جو پيغام پهچايو. هن سوڊان مان پاڪستانين جي واپسي ۾ مدد لاءِ سعودي عرب جي حڪومت جي ڪردار جي ساراهه ڪئي.