اسلام آباد – 24 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان فارن آفي?? وومين ايسوسيئيشن جي هڪ وفد تباهي آڻيندڙ زلزلي متاثر ترڪيءَ ۽ شام جي عوام لاءِ عطيو ڏيڻ جي لاءِ ترڪيءَ جي سفير مهمت پڪاسي ۽ شام جي سفير رميز الراعي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان فارن آفي?? وومين ايسوسيئيشن جي صدر مسز زنيره اسد انهن کي چيڪ پڻ ڏنو. پاڪستان فارن آفي?? وومين ايسوسيئيشن جي صدر ٻنهي ملڪن ۾ زلزلي سان قيمتي جانين جي افسوسناڪ نقصان ۽ وڏي پئماني تي ٿ??ندڙ تباهي ??ي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن مارجي ويلن جي لاءِ دعا ۽ باهمت ڀائر عوام جي صحتيابي جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. ترجمان موجب پاڪستان فارن آفي?? وومين ايسوسيئيشن پاران ڏنل عطيو ضرورت جي هن وقت ترڪيءَ ۽ شام جي ڀائر عوام جي لاءِ پرڏيهي وزارت جي يڪجهتي ۽ حمايت کي ظاهر ??ري ٿ??. پاڪستان فارن آفي?? وومين ايسوسيئيشن ملڪ ۾ 2005ع جي زلزلي، 2010ع ۽ 2022ع جي ٻوڏ سميت ٻاهرئين ملڪ ۽ قومي سطح تي قدرتي آفتن جي متاثرين جي ڀلائي ۽ هنگامي امداد جي ڪوششن ۾ وڌي چڙهي حصو ورتو آهي. پاڪستان فارن آفي?? وومين ايسوسيئيشن هڪ رجسٽرڊ غيرسرڪاري تنظيم آهي، جيڪا پاڪستان فارن سروس جي آفيسرن جي گهروارين ۽ پاڪستان جي عورت سفارتڪارن کي خيراتي ڪمن جي لاءِ گڏ ڪري ٿ??.