اسلام آباد– 24 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو آهي ته اهي اهم معاملن تي پاڪستان جي موقف کي پيش ڪرڻ، پاڪستان جي ??قافتي ۽ سماجي قدرن کي فروغ ڏيڻ ۽ خطي ۾ عالمي دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۾ پاڪستان پاران ڏنل قربانين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ذاتي ۽ اجتماعي طور تي ڪوشش ڪن، پاڪستان جي 40 سالن کان 40 ملين کان وڌيڪ افغان پناهگيرن جي ميزباني سان گڏوگڏ هندستاني قابض فوج پاران غيرقانوني والاريل ڄ??ون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلم پڻ اجاگر ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ هيلپنگ هارٽس، ڪيئرنگ سولز ۽ اي پي پي اي سي (ايپڪ) جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي ??نظيمن کي گهرجي ??ه اهي پنهنجي ميزبان ملڪن جي ??ياستدانن، عوامي راءِ ٺاهيندڙن ۽ ميڊيا سان مڪمل اعتماد ۽ فخر سان ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اليڪٽرانڪ ذريعن ۽ آءِ تي ٻڌل سهولتن مان فائدو کڻن ته جيئن قومي، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کي قابل قبول بڻائي سگهجي ۽ پاڪستان ۽ ان جي ??وام بابت مثبت راءِ کي فروغ ڏئي سگهجي. صدر چيو ته پاڪستان وٽ فعال ۽ محنتي انساني وسيلا آهن، اهو سمورن معاملن، چئلينجز ۽ وسيلن کي ڳالهين، مشاورت ۽ غور فڪر جي ??مهوري طريقن سان حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ وانگر ان جا به پنهنجا مسئلا آهن، تنهن ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو موقف پيش ڪندي معذرت وارو انداز اختيار ڪرڻ جي ??رورت نه آهي. هن چيو ته پاڪستا?? 40 ??الن کان وڌيڪ عرصي تائين پنهنجي وسيلن سان 40 ملين افغان پناهگيرن جي ??ي مثال مهمان نوازي ڪئي. ان جي ??بتڙ اولهه جي ملڪن ٻاهرئين ملڪ رهندڙن کي پنهنجي ملڪن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ جي لاءِ اربين ڊالر خرچ ڪيا ۽ يوڪرين جي پناهگيرن کي قبول ڪرڻ ۾ واضح امتيازي سلوڪ جو مظاهرو ڪيو جڏهن ته ٻين ملڪن جي پناهگيرن کي بي دلي سان سمنڊ ۾ ٻوڙيو ويو. صدر چيو ته جيڪي ملڪ اسان کي اخلاقيات جو سبق سيکارڻ جي ڪوشش ڪن ٿا انهن کي پنهنجي ??رز عمل تي نظرثاني ڪرڻ جي ??رورت آهي. صدر چيو ته پاڪستان ٻاهرئين ملڪ منتقل ٿيندڙ پاڪستانين کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا خرچ ڪيا آهن ۽ انهن جي ٻين ملڪن طرف هجرت جي ڪري ان کي برين ڊرين جو نتيجو ڀوڳڻو پيو آهي. هن ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي ??انش، علم ۽ مهارت جي مختلف طريقن جي ??ريعي پاڪستان منتقل ڪري ملڪ جي ??رقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر سمنڊ پار پاڪستانين کي پنهنجي ??چت ۽ مٽاسٽا جي ناڻي کي مناسب بئنڪنگ چينلز جي ??ريعي موڪلڻ جي ??رورت تي پڻ زور ڏنو.