اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنجگور، بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز تي دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪندي دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پارا?? جاري بيان موجب صدر دهشتگردي جي خلاف قوم جي اڻٿڪ عزم کي ورجايو. هن دهشتگرد حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 4 اهلڪارن جي شهادت تي گه??ي ڏک جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي خدمتن ۽ ملڪ جي لاءِ عظيم قرباني تي انهن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد اهلڪارن جي بهادري تي انهن کي سلام پيش ڪيو. صدر پنجگور دهشتگرد حملي جي شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هن شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صب?? جميل جي دعا ڪئي.