اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي بنون ۾ دهش??گر??ن جي ڪارروائي ناڪام بڻائڻ ۽ انهن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڪامياب آپريشن سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ دهش??گر??ي جي خلاف اڻٿڪ عزم جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز جي قيادت ۽ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته قوم وڏيون قربانيون ڏئي ملڪ کي دهش??گر??ي کان آزاد ڪيو آهي، انهي جذبي سان دهش??گر??ي جي باقيات کي ملڪ مان مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، قوم ملڪي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ دهش??گر??ي جي خلاف قربانين کي سدائين ياد رکندي، پوري قوم دهس??گر??ن جي خلاف ڪاررواين تي پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. ڊاڪٽر عارف ع??وي آپريشن دوران شهيد ٿيندڙ اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي انهن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. صدر آپريشن ۾ زخمي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.