سکر-27ڪٽوبر (اي پي پي) خيرپور ۾ 27 آڪٽوبر ??ي ڪشميرين سان يوم ڪشمير طور ڪارو ڏينهن ملهايو ويو، ضلعي انتظاميه ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ 27 آڪٽوبر ??ي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وڏي ريلي ڪڍي وئي، ريلي سول سينٽر کان پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي ڊپٽي ڪمشنر خيپور ڊاڪٽر ش??جيل نور چنا ۽ ايس ايس پي مير روحل خان کوسو ڪئي، ريلي ۾ اي ڊي سي ڪبير ش??هه، اي ڊي سي ظفر عباس عباسي، صفدر ميراڻي سميت مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر ش??جيل نور چنا خطاب ڪندي چيو ته اڄ جي ڏينهن ڀارتي فوج ڪشمير تي غير قان??ني قبضو قائم ڪيو، ڀارت طرفان ڪيل اڳرائي خلاف گڏ ٿيا آهيون، هن چيو ته 1948ع ۾ گڏيل قومن جي منظور ??يل قراردادن موجب ڪشميرين کي انهن جا حق ڏنا وڃن، پاڪستان هر سطح تي ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رک??دو.