اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گذريل مهيني شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس کانپوءِ سيڪا سربراهي اجلاس ۾ اس??ن جو ڌيان پاڪستان جي توانائي، واپار ۽ علائقائي رابطن تي رهيو، وچ ايشيائي رياستن سان گهرا رابطا اس??ن جي حڪومت ??ي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي مقصد آهي، اس??ن ٺوس پرڏيهي پاليسي چاهيون ٿا جيڪا عمران خان جي حڪومت جي دور ۾ متاثر ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چ??و ته ڏکڻ ۽ وچ ايشيا ??ي پنهن??ي پنهنجي اهميت آهي جن سان تعاون جو فروغ سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. هن چ??و ته وچ ايشيائي رياستن سان گهرو تعلق اس??ن جي حڪومت جو بنيادي مقصد آهي. ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان تعاون جو فروغ سڀني جي گڏيل مفاد ۾ آهي. اس??ن ٺوس پرڏيهي پاليسي چاهيون ٿا جنهن کي عمران خان پنهنجي حڪومت جي دور ۾ نقصان پهچايو آهي. وزيراعظم چ??و ته عالمي اڳواڻن سان پنهنجي ملاقاتن ۾ اقتصادي ۽ واپاري رابطن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سيڪا سربراهه اجلاس ۽ ايس سي او اجلاس ۾ توانائي، واپار ۽ علائقائي رابطن تي پاڪستان جو ڌيان رهيو. عالمي اڳواڻن سان ملاقات ۾ پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ جي طور تي پيش ڪري رهيو آهيان.