اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 133 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سا??ان کڻي ??اڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور ??ي 41، ترڪيه مان 14، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قط?? مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جون 14 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون ٽي، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، اومان جون 8، روس، يونان ۽ اٽلي جي هڪ هڪ ۽ سعودي عرب جون 10 اڏامون امدادي سا??ان کڻي ??اڪستان پهچي ويون آهن. انڊونيشيا مان به 2 اڏامون ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي سا??ان کڻي ??يستائين پاڪستان آيون آهن. امدادي اڏامن کانسواءِ ايرانمان 100 ٽن امدادي سا??ان ٽرڪن ذريعي پاڪستان پهتو آهي. ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پاران ٽي ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سا??ان پاڪستان موڪليو ويو آهي. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تاجڪستان مان 87 ٽرڪن ذريعي امدادي سا??ان موڪليو ويو آهي. گڏيل عرب امارات ۽ اومان مان امدادي سا??ان کڻي ??ڪ هڪ سا??ونڊي جهاز به پاڪستان په??ا آهن.