اسلام آباد -21 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي وزير احسن ا??بال چيو آهي ته ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي، ملڪ جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، پرڏيهه ملڪن مان ا??داد اچي رهي آهي، سڀ پاڪستاني به اڳتي وڌي ٻوڏ متاثرن جي مدد ۾ حصو وٺن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ا??ڇ اي سي ۾ منعقد پيس جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته اڄ پاڻ ۾ اتحاد جي سخت ضروت آهي، هر شخص جي راءِ مختلف ٿي سگهي ٿي، اسان کي ڪنهن جي نيت يا حب الوطني تي شڪ نه ڪرڻ گهرجي، اسان کي هڪ قوم طور گڏجي اڳتي وڌڻو آهي، هن چيو ته ايندڙ 10 ڏينهن ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ماءُ ۽ ٻار لاءِ خوراڪ جا ٻه ملين پيڪيٽ گڏ ڪرڻا آهن، شاگرد به پنهنجو حصو وجهن، هن چيو ته امن ۽ ترقي جو چولي دامن جو ساٿ آهي، ڪنهن به معاشري انتشار سان ترقي ناهي ڪئي.