اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي خاتون اول بيگم ثمينه علوي سان گڏ ڪورونا ويڪسين جي بوسٽر ڊوز لڳرائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ۽ سندس گهرواريءَ اي?? نائين پارڪ ۾ پنهنجو وارو اچڻ تي بوسٽر ڊوز لڳرائي. صدر عوام کي وقت سر بوسٽر ڊوز لڳرائڻ جي تاڪيد ڪئي آهي. صدر چيو ته ڪورونا جي خلاف جنگ اڃان جاري آهي ۽ ??ور?? قوم کي گڏجي ان وبا جو مقابلو ڪرڻو پوندو.