اسلام آباد – 17 – جون (اي پي ??ي) پرڏيهي معام??ن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف جو اجلاس برلن ۾ جاري آهي، ايف اي ٽي ايف اجلاس جي پُڄاڻي کانپوءِ بيان جاري ڪندو، هڪ ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير چيو ته اجلاس جي نتيجن تي ٻڌل رپورٽنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، حڪومت پاڪستان ان معاملي تي اڄ ڇنڇر جي صبح پرڏيهي معام??ن واري وزارت ?? هڪ ميڊيا بريفنگ جو اهتمام ڪيو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي معام??ن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جرمني جي شهر برلن ۾ ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ 2018ع ۽ 2021ع جي ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تحت پاڪستا?? جي اڳڀرائي تي غور ڪيو ويو، اجلاس ايف اي ٽي ايف جي انٽرن??شن?? ڪوآپريشن ريويو گروپ (آءِ سي آر جي) جي سفارشن جو جائزو وٺندو، پرڏيهي معام??ن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر پاڪستا?? جي قومي ايف اي ٽي ايف رابطا ڪميٽي جي سربراهه به آهي، ان کان اڳ هن مختلف اجلاسن ۾ پاڪستا?? جي اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي خاتمي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت جي اعليٰ سطح جي سياسي عزم کي اجاگر ڪيو. جرمني 13 کان 17 جون تائين برلن ۾ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن ايف اي ٽي ايف جي عهديدارن ۽ ميمبر ملڪ?? جي وفد?? جي سربراهن سان به ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي ايف اي ٽي ايف جي ٻنهي ايڪشن پلانز جي پڄاڻي لا پاڪستان پاران ڪيل شاندار اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.