گوادر – 03 – جون (اي پي پي) وزراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مُهاڻن جي ترقي اسان جي اولين ترجيح آهي، گوادر جي ??هر??ن کي آسان شرطن تي سولر پينل فراهم ڪنداسين، بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ ۾ به آساني پيدا ڪئي ويندي، غيرقانوني ٽرالنگ جي خلاف سخت ايڪشن کڻنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مُهاڻن کي خطاب ڪ??دي ڪيو. هن چيو ته مُهاڻن جي ترقي اولين ترجيح آهي، مُهاڻن جي خوشحالي جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين. هن چيو ته هر گهر ۾ بجلي جي فراهمي ضروري آهي، گوادر ۾ مُهاڻن جي لاءِ چين 3200 سولر پينل فراهم ڪندو. وزيراعظم چيو ته سولر پينل بئنڪن ذريعي آسان شرطن تي مُهاڻن کي فراهم ڪيا ويندا، مُهاڻن جيترو بجلي جو بل ادا ڪري ٿو ان کان گهٽ سولر پينل جي قسط ادا ڪري بجلي جي سهولت مان فائدو کڻندو، جڏهن سولر پينل جي قيمت مڪمل ادا ٿي وي??دي ته مُهاڻن کي مفت بجلي ملندي. هن چيو ته مختلف جاين تي سولر پارڪس قائم ڪيا ويندا جنهن جي ڪري ماهگيرن کي ن??شنل گرڊ بدران سڌوسنئون بجلي ملندي. هن چيو ته ماهيگيرن کي مرحليوار ٻيڙ??ن جون انجڻيون فراهم ڪيون وينديون، پهرين مرحلي ۾ 2 هزار ماهيگيرن کي شفاف طريقي سان ڪُڻن ذريعي انجڻيون فراهم ڪيو وينديون، بلوچستان جي وڏي وزير ۽ منصوباب??دي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ انتظاميا جي تعاون سان اهي انجڻيون جلد فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته غيرقانوني ٽرالنگ روڪڻ جي لاءِ سخت قدم کنيا ويندا. وزيراعظم چيو ته هو جون جي آخر ۾ ٻيهر گوادر جو دورو ڪندو ۽ ماهيگيرن جا مسئلا انهن جي زباني تفصيل سان ٻڌندو، انهن مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو ۽ منصوباب??دي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا.