اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ترڪي روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع وارو وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، سيڙپڪاري بورڊ جو وزير چوڌري سالڪ حسين، خصوصي صلاحڪار طارق فاطمي ۽ فهد حسين به وزيراعظم سان گڏ آهن، وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو ترڪي جو اهو پهريون دورو آهي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو به تر??ي پهچندو، دورو 31 مئي کان 2 جون 2022ع دوران وزيراعظم شهباز شريف جي صدر ??جب طيب اردوان سان نويڪلائي ۾ ملاقات ٿيندي، جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهين جو انعقاد ٿيندو، پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو و??ڻ کانسواءِ ٻئي اڳواڻ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، ٻئي اڳواڻ اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان گڏيل خطاب به ڪندا، صدر ??ردوان وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو. هلندڙ سال پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگرهه به ملهائي پئي وڃي، دوري دوران صدر ??ردوان ۽ وزيراعظم شهباز شريف گڏيل طور تي يادگاري نشان به جاري ڪندا جيڪو ترڪي ۽ پاڪستان جي وچ ۾ غير معمولي ٻطرفن لاڳاپن جي ڊگهي تاريخ ۾ ان اهم سنگ ميل جي مناسبت سان تيار ڪيو و??و آهي، ترڪ?? جي پرڏيهي معاملن، واپار ۽ صحت وارا وزير به دوري دوران وزيراعظم سان ملاقات ڪندا، وزيراعظم ترڪ?? جي مشهور ڪاروباري ماڻهن ۽ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪار?? ۾ ??لچسپي رکندڙ شخصيتن سان به تفصيلي ملاقات ڪندا. ترڪ?? جي ڪاروباري برادري جا نمائندا يونين آف چيمبرز ڪموڊيٽي ايڪسچينج (ٽي او بي بي) جو صدر وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏيندو، وزيراعظم ترڪي بزنس ڪائونسل فورم ۾ به شرڪت ڪندو، جنهن جو اهتمام ترڪ?? جي پرڏيهي معاشي لاڳاپن واري بورڊ (ڊي اي آءِ ڪي) جي سهڪار سان ڪيو و??و آهي، وزيراعظم انهن تقريبن جي دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪار?? جي موقعن کي اجاگر ڪندو ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ ترڪ ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪندو ته جيئن پاڪستان ۽ ترڪ?? جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي رابطن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪم ڪيو وڃي، مشهور پاڪستاني ڪاروباري شخصيتون انهن تقريبن ۾ شرڪت ڪنديون، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ماڻهن جي وچ ۾ (بي ٽو بي) ملاقاتون به ٿينديون.