اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز (سي پي اين اي) جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني آهي. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف سي پي اين اي جي نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان، سينيئر نائب صدر ا??از خان، سيڪريٽري جنرل عامر محمود ۽ تنظيم جي ٻين چونڊيل ميمبرن کي مبارڪباد جو پيغام ڏنو. وزيراعظم چيو ته ج??هو??يت جي مضبوطي جي لاءِ صحافت ۽ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آئيني گهرج آهي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته م??لوط حڪومت نه رڳو ميڊيا جي آزادي جي تحفظ تي پڪو يقين رکي ٿي پر ا?? جي فروغ لاءِ پڻ ق??م کڻي رهي آهي. هن چيو ته سي پي اين اي هڪ اهم ميڊيا تنظيم آهي ۽ ميڊيا جي آزادي ۽ اظهار راءِ جي آزادي جي فروغ لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اظهار ڪيو. هن صحافين/ ميڊيا پرسنز ۽ صحافت جي خدمت جي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ جي لاءِ نئين چونڊيل باڊي جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجي حڪومت پاران ڀرپور تعاون جو يقين ڏياريو.