اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان وڪيل اڳواڻن جي ??فد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ?? اٽارني جنرل اشتر اوصاف پڻ موجود هئا جڏهن ته وڪيل اڳواڻن جي ??فد ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر احسن ڀون، پاڪس??ان بار ڪائونسل جو سربراهه حفيظ الرحمان، لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو صدر اڪبر ڊوگر، پنجاب بار ڪائونسل جو سربراهه جعفر طيار، اسلام آباد بار ڪائونسل جو سربراهه قمر سبزواري، ??يد قلب حسن، امجد شاهه، مسعود چشتي، عابد ساقي ۽ ٻيا شامل هئا. وزيراعظم وڪيل برادري جي سينيئر چونڊيل اڳواڻن جي حڪومت تي اعتماد جا ٿورا مڃ??ند?? چيو ته وڪيل ملڪ جو عظيم اثاثو آهن. حڪومت وڪيلن جي ??يشيواراڻي معاملن کي سرانجام ڏيڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪندي. وزيراعظم قانون واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي ته وڪيل پروٽيڪشن ايڪٽ ۽ بار ڪائونسل ايڪٽ ۾ ترميمن تي فوري ڪم شروع ڪيو وڃي. وڪيل اڳواڻن وزيراعظم شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏ??ند?? چيو ته وڪيل برادري جمهوري ادارن جي ??ضبوطي جي ??اءِ ڪردار ادا ڪندي آئي آهي ۽ اڳتي به ڪندي. وڪيل اڳواڻن آئيني بحران جي حل ۾ عدليه جي ڪردار کي ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت عوام جي اميدن موجب معيشت کي سنڀالي وٺندي.