اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوٽريس سان نيويارڪ ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري ملاقات دوران پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ گهڻ رخي ۽ گڏيل قومن جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن تي سختي سان عمل ڪري رهيو آهي، پاڪستان سدائين انهن اصولن موجب عالمي مسئلن جي ح?? جي ??ما??ت ڪئي آهي. بلاول ڀٽ?? زرداري گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين ۽ غيرقانوني آبادياتي تبديلين جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونس?? جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ح?? جي ضرورت تي زور ڏنو.