اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو آهي ته ورلڊ پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جي درجابندي ۾ تنزلي ٿي آهي ۽ عمران خان جي حڪومت جي هڪ سال ۾ 12 پوائنٽس جي تنزلي ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد ??هب??ز شريف چيو ته عمران حڪومت جي آخري سال پريس فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان 12 پوائنٽس هيٺ ويو آهي جڏهن ته پوري حڪومت جي دور ۾ 18 پوائنٽس تنزلي ٿي آهي. وزيراعظم چيو ته صحافت جي آزادي جي درجابندي ۾ تنزلي تي نه رڳو عمران خان کي ”صحافت جي آزادي جو شڪاري“ جو شرمناڪ خطاب مليو پر اسان جي جمهوريت به بدنام ٿي. ??هب??ز شريف چيو ته اسان اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيون. واضح رهي ته اطلاعات جي حق جي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ عالمي غيرسرڪاري تنظيم رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز 180 مل??ن جي پنهنجي تازي انڊيڪس ۾ پاڪستان کي 157 ??ين نمبر تي رکيو آهي، 2021ع ۾ انڊيڪس ۾ اهو نمبر 145 ۽ جڏهن عمران خان 2018ع ۾ اقتدار سنڀاليو ان وقت اهو انڊيڪس 139 هو.