اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) قطر جي وزيراعظم شيخ خالد بن خليفه بن عبدالعزيز آل ثاني شهباز شريف کي وزارت عظميٰ جو ??هدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ هن وزيراعظم شهباز شريف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو ??ظهار ڪيو آهي. پي ايم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم شهباز شريف چيو ته توهان سان دوستي پاڪستان جو قيمتي اثاثو آهي، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته قطر ۽ پاڪستان ٻه ڀائر ملڪ آهن جن جي تاريخي دوستي گڏيل اعتماد ۽ تعاو?? تي قائم آهي. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ ويجهن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ پڪو بڻائڻ جا خواهشمن?? آهيون. وزيراعظم شهباز شريف قطر جي پنهنجي هم منصب جو نيڪ خواهش?? تي جوابي خيرسگالي جي جذبن س??ن ٿورا پڻ مڃيا.