اسل??م آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) وزير??عظ?? شهباز شريف کي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان وزير??عظ?? چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. هن وزير??عظ?? شهباز شريف کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته هو ان خبر تي تمام گهڻو خوش آهي. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته توهان جي قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي ڀائراڻي لاڳاپن ۾ وڌيڪ مضبوطي ايندي. پاڪستان ۽ ترڪيءَ بااعتماد ڀائر آهن، ٻنهي جي لاڳاپن ۾ وڌيڪ ويجهڙائپ آڻڻ چاهيون ٿا. وزير??عظ?? شهباز شريف ٽيليفون ڪرڻ ۽ مبارڪباد تي صدر اردوان جا ٿورا مڃيا ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.