اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 اپريل تي قومي اسيمب??ي جي تحليل جي پيش نظر آئين جي آرٽيڪل 224 (1) اي تحت نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ موزون شخص تجويز ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران احمد خان نيازي ۽ ع??دو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمد شهباز شريف کي خط لکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پنهنجي خط ۾ ٻنهي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن قومي اسيمب??ي جي تحليل ٿيڻ جي ٽن ڏينهن جي اندر وزيراعظم ۽ ع??دو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ڪنهن شخص کي نگران وزيراعظم بڻائڻ تي متفق نه ٿين ته ٻه، ٻه، نالا قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي کي موڪلڻا پوندا جنهن جي جوڙجڪ قومي اسيمب??ي جو اسپيڪر فوري طور تي ڪندو، اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي جا ڪل 8 ميمبر هوندا جيڪا ع??دو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي يا سينيٽ يا ٻنهي جي ميمبرن تي مشتمل هوندي. ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ جيتري نمائندگي حاصل هوندي. خط موجب آئين جي آرٽيڪل 244 (1) اي تحت ڪميٽي جي ميمبرن جي نامزدگي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ ڪندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وڌيڪ ??کيو آهي ته وزيراعظم عمران احمد خان نيازي آئين جي آرٽيڪل 224 (1) تحت نگران وزيراعظم جي مقرري تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهندو. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڪستان جو آئين، آرٽيڪل 224 (1) اي صدر کي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان نگران وزيراعظم جي مقرري جو اختيار ڏي ٿو.