اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين فيصل بن فرحان السعود چيو آهي ته عالمي قرا??دا??ن موجب فلسطين جي مس??لي جو پرامن حل چاهيون ٿا، اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عو??م جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير مس??لي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري کي ڪ??دا?? ادا ڪرڻ گهرجي. او آءِ سي سربراهه اجلاس جي چيئرمين جي حيثيت سان اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته هو پاڪستان جو ٿورائتو آهي جنهن او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت تي شاندار آجيان ڪئي. هن پاڪستان جي 75 هين پاڪستان جي ڏهاڙي ۽ قوم ۽ حڪومت کي مبارڪباد ڏيندي پاڪستان جي خوشحالي ۽ وڌيڪ ڪاميابين جي دعا ڪئي. هن چيو ته جنرل اسيمبلي ۾ اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرا??دا?? جي منظوري مسلمان امت جي ڪاميابي آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان پاران قرا??دا?? پيش ڪرڻ ۽ او آءِ سي سيڪريٽريٽ ۽ سيڪريٽري جنرل جي ڪ??دا?? تي کيس مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته اسلامو فوبيا جي خلاف عالمي ڏينهن بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ ۾ مددگار ٿيندو، سعودي عرب فلسطين مس??لي تي فلسطينين جي حمايت جاري رکندو، اسان عالمي قرا??دا??ن موجب فلسطين جي مس??لي جو پرامن حل چاهيون ٿا ۽ آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ اتان جي عو??م جو حق آهي. هن چيو ته يمن ۾ حوثي مليشيا کي هٿيارن جي فراهمي بند ٿيڻ گهرجي. يمن جي عو??م کي انساني بنيادن تي امداد فراهم ڪري هيا آهيون. هن چيو ته اسان ڄمون ۽ ڪشمير جي عو??م جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، ڪشمير مس??لي جي منصفاڻي حل جي لاءِ عالمي برادري کي ڪ??دا?? ادا ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان جي لاءِ انساني بنيادن تي ٽرسٽ فنڊ قائم ڪرڻ هڪ خوش آئنده قدم آهي. ان فنڊ ذريعي لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن جي مدد ڪري سگهبي.