اسلام آباد – 02 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ صنعتي ترقي جي لاءِ ان??م ٽيڪس ترميمي آرڊيننس 2022ع جا??ي ڪري ڇڏيو، آرڊيننس جو مقصد ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتن جو فروغ، بيمار صنعتي يونٽس کي بحال ڪرڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آرڊيننس تحت نقصان ۾ ويندڙ ۽ بيمار صنعتن کي ٻيهر زندهه ڪرڻ جي لاءِ پئڪيج ڏنو ويو آهي. آرڊيننس جي مدد سان ان??م ٽيڪس آرڊيننس 2001ع ۾ سيڪشن 59 سي، 65 ايڇ، 100 ايف جو اضافو ??يو ويو آهي. آرڊيننس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نئين صنعتون قائم ڪرڻ جي لاءِ ظاهر ڪيل اثاثن تي سيڙپڪارن کي رڳو 5 سيڪڙو مقرر ٽيڪس ڏيڻو پوندو، ظاهر ڪيل فنڊز رڳو پلانٽ ۽ مشينري خريد ڪرڻ، ان??سٽري قائم ڪرڻ جي لاءِ استعمال ٿي سگهندا، فائديمند ڪمپنيون بيمار ۽ نقصان ۾ ويندڙ صنعتون حاصل ڪري سگهنديون، حوصلا افزائي لاءِ بيمار صنعت جو ٽيڪس نقصان ايندڙ ٽن سالن جي لاءِ ايڊجسٽ ڪري سگهبو. سمنڊ پار پاڪستاني، ٻاهرئين ملڪ اثاثا رکندڙ پاڪستاني سيڙپڪا??ي ڪري سگهندا، سيڙپڪار پئڪيج تحت واپس آندل رقم تي 100 سيڪڙو ٽيڪس ڪريڊٽ جا اهل هوندا، پئڪيج تحت واپس آندل رقم جي برابر ٽيڪس ڪريڊٽ رڳو 5 سالن تائين ڏنو ويندو. صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت آرڊيننس جا??ي ڪيو.