اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پارٽي اڳ??اڻن کي هداي?? ڪئي آهي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن ۽ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي متحرڪ ??ن. وزيراعظم عمران خان سان منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ملاقا?? ڪئي جنهن ۾ سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ۽ فعال بڻائڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جو ص??ر ۽ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، پي ٽي آءِ پنجاب جو ص??ر ۽ تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود، پي ٽي آءِ ڏکڻ پنجاب جو ص??ر ۽ صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، پي ٽي آءِ سنڌ جو ص??ر ۽ سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، پي ٽي آءِ بلوچستان جو ص??ر ۽ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ پي ٽي آءِ جو ايڊيشنل سيڪريٽري عامر محمود ڪياني پڻ مو??ود هئا. وزيراعظم سمورن پارٽي اڳ??اڻن کي هداي?? ڪئي ته اهي سڄي ملڪ ۾ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ موثر قدم کڻن. هن مختلف صوبن، علائقن ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن ۾ ڪاميابي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي موثر انداز ۾ متحرڪ ??رڻ جي پڻ هداي?? ڪئي.