اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريءَ ۾ سخت برفباري ۾ قيمتي انساني جانين جو زيان انتهائي افسوسناڪ آهي، پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، هن وقت حڪومت جي ترجيح ڦا??ل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي، برفباري بابت انتظاميا شهرين کي اطلاع ڪ??دي رهي آهي، مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري م??لڪتي وزير نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائي??دي چيو ته نٿيا گليءَ سان گڏ خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي سرحدي جڳهه باڙيان ۾ اهو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، اتي سخت برفباري جي ڪري رستا بند ٿيڻ سان امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. فرخ حبيب چيو ته پاڪ فوج ۽ امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ مصروف آهن، حڪومت جي ترجيح ڦا??ل سمورن ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي. مريءَ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ ڪليئر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هاڻي باڙيان واري جڳهه تي وڏي مشينري سان امدادي ڪارروايون جاري آهن، هن مشڪل صورتحال ۾ مقامي ماڻهن جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي جن سياحن جي لاءِ پنهنجي گهرن جا دروازا کولي ڇڏيا، باقي م??امي ماڻهو به اڳتي اچن، مريءَ ۽ ڀرپاسي ۾ سياحن کي ريسڪيو ڪرڻ جي لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻي رهيا آهيون، ڦا??ل سياحن کي گرم ڪپڙا، ڪمبل، کاڌي پيتي جون شيون به پهچايون پيون وڃن.