اسلام آباد – 12 جنوري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان ساحلي سياحت جي ??روغ لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي ??دايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان بحري معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ آمريڪن بزنس ڪائونسل پاڪستان جي ايگزيڪيٽو ميمبر عدنان اسد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عدنان اسد وزيراعظم کي بزنس ڪائونسل جي ??يمبرن ۽ سيڙپڪارن جي ??وجوده حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ??تيجي ۾ وڌندڙ اعتماد جي باري ۾ آگاهه ڪيو، پاڪستان جي سياحت جي شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي وزيراعظم کي ساحلي سياحت جي ??وجوده صلاحيت ۽ وزارت جي ان جي ??روغ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم ساحلي سياحت کي فروغ لاءِ کنيل قدم تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.