اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ا??ان کي روانگي واپار ?? اضافي ۽ آمدني واپار تي دارومدار گهٽ ڪرڻ ۾ مددگ??ر ماحولياتي نظام ۽ ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، روانگي واپار ?? اضافي جي لاءِ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ برآمد ڪندڙن کي قومي سول ايوارڊز ڏنا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ برآمدي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، صنعت واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير سيد فخر امام، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ا??ان کي هڪ ماحولياتي نظام ۽ هڪ اهڙو ڪلچر تيار ڪرڻو آهي جيڪو روانگي واپار کي وڌائي سگهي ۽ آمدني واپار تي ا??ان جو دارومدار گهٽ ڪري سگهي. هن چيو ته ا??ان کي اهڙن روانگي واپار ڪندر?? جي ضرورت آهي جن کي روانگي واپار آ۾ اضافي ڪرڻ جي ڪارڪردگي جي بنياد تي قومي سول ايوارڊز ??ان نوازيو ويندو. وزيراعظم واپار واري وزارت کي هدايت ڪئي ته روانگي واپار ڪندڙ?? جي شڪايت?? جي ازالي لاءِ پورٽل تيار ڪيو وڃي. هن روانگي واپار ?? پائيدار اضافي جي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم سمورن لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي ٺوس پاليسين ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان کان اڳ وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته هن سال هن 10 سال?? جي جمود کانپوءِ روانگي واپار ?? رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته برآمدي هدف ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ قدم تيز ڪيا وڃن.