اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان للها – جهلم ٻن ڦاڪن وا??ي رستي جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، 128 ڪلوميٽر ڊگهو ٻن ڦاڪن وا??و رستو 16 ارب رپين جي لاڳت سان تعمير ٿيندو ۽ ان جي تڪميل 30 مهينن ۾ ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ان رستي جي تعمير سان چڪوال، خوشاب، منڊي بهاءُ الدين، گجرات ۽ ميرپور جي علائقن ۾ رابطو قائم ٿيندو، ڄاڻ??يل رستي جي ڪري سياحت کي فروغ، پوکيءَ جي فارم کان م??رڪٽ پهچ، روزگار جي موقعن ۾ اضافي ۽ معاشي ترقي ۾ مدد ملندي. تقريب ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، آزاد ڪشمير جي صدر بئريسٽر سلطان م??مود چوڌري، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي، منصوبابندي ۽ ترقي وا??ي وفاقي وزير اسد عمر ۽ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پڻ شرڪت ڪئي.