اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي وي ملڪ جي نظرياتي سرحدن جو محافظ اهم نشرياتي ادارو آهي، پي ٽي وي کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اها ڳالهه هن پي ٽي وي سينٽرل ايمپلائيز يونين مشعل جي نئين چونڊيل عهديدارن سان مل??قات دوران ڳالهائيندي چئي. يونين عهديدارن پي ٽي وي مل??زمن جي هائوس ريڪوزيشن الائونس ۾ 50 سيڪڙو ۽ بنيادي پگهار ۾ 10 سيڪڙو اضافي تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اداري جي بهتري جو دارومدار مل??زمن جي بهتر ڪارڪردگي تي آهي، ادارو خوشحال ٿيندو ته مل??زمن جي ڀلائي جي لاءِ قدم کڻي سگهبا. هن چيو ته پي ٽي وي جي مل??زمن جي تربيت جي لاءِ ايڇ آر کي بهتر بڻايو پيو وڃي، پي ٽي وي جي ترقي ۽ بهتري جي لاءِ پيشيواراڻي بنيادن تي ري اسٽرڪچنگ ڪئي پئي و??ي. چوڌري فواد حسين چيو ته مقابلي ۽ چٽاڀيٽي جي دور ۾ پي ٽي وي ۾ اڳتي و??ڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو جي مل??زمن جي لاءِ هائوسنگ اسڪيم آندي پئي و??ي جڏهن ته سمورن مل??زمن کي هيلٿ ڪارڊز جي فراهمي جو منصوبو پڻ غور هيٺ آهي. هن چيو ته پي ٽي وي کي جديد ٽيڪنالاجي سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ مرحليوار حڪمت عملي تي ڪم ڪيو پيو وڃي، پي ٽي وي نيوز کي ايڇ ڊي ڪيو ويو آهي، پي ٽي وي اسپورٽس ۽ پي ٽي وي هوم کي ايڇ ڊي ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن جڏهن ته پي ٽي وي لاهور، ڪراچي ۽ پشاور مرڪزن جي اپ گريڊيشن جي لاءِ جلد قدم کنيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان پي ٽي وي کي بي بي سي جي طرز تي ٺاهڻ چاهيون ٿا. چوڌري فواد حسين چيو ته هو پي ٽي وي جي مل??زمن سان گڏ بيٺل آهي، مل??زمن جي ڀلائي لاءِ قدم کڻڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پي ٽي وي قومي اثاثو آهي، وقت سان ??ڏو??ڏ پي ٽي وي کي و??يڪ بهتري طرف گامزن ڪنداسين. مل??قات ڪندڙ پي ٽي وي سينٽرل ايمپلائيز يونين (مشعل) سي بي اي جي عهديدارن ۾ چيئرمين ابراهيم ڪمال، صدر جهانگير خان، جنرل سيڪريٽري چوڌري فاروق احمد، چيف آرگنائيزر جميل قادري، ڊپٽي چيئرمين عمران خان، ڊپٽي پريزيڊنٽ حاجي اورنگزيب، سينيئر وائيس چيئرمين ملڪ لطيف، ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري سليم ??اه??، ايسوسيئيٽ جنرل سيڪريٽري راجا سجاد، هيڊ آف پي ٽي وي نيوز وقاص ضياءَ بٽ، مرڪزي اڳواڻ ملڪ افضال احمد ۽ چيئرمين هيڊ آفيس اويس گوندل شامل هئا.