ڪراچي – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) ڪراچي سينٽر جو دورو ڪيو. وفاقي وزير جي اچڻ تي پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي جنرل مئنيجر محمد شجاعت الله ٻئي اسٽاف سان گڏ سندس استقبال ڪيو. مئنيجر پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي مختلف شع??ن جي سربراهن جو اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان تعارف ڪرايو. وفاقي وزير ڪراچي سينٽر جي پروگرامز، حالات حاضر ۽ نيوز جي سربراهن کان لاڳاپيل شع??ن ??ي ڪارڪردگي جي حوالي سان مع??وم ڪيو ۽ ??ڏ ئي انهن کان انهن جا مسئلا پڻ مع??وم ڪيا. جنرل مئنيجر وفاقي وزير کي پروگرامز، حالات حاضره، پي ٽي وي هوم، پي ٽي وي نيشنل ??ي ڪارڪردگي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. هن پي ٽي وي کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي حوالي سان وفاقي وزير جي ويزن کي پڻ ساراهيو. بعد ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي نيوز روم، حالات حاضره جي مختلف اسٽوڊيوز، پي ٽي وي نيشنل سميت مختلف شع??ن جو دورو ڪيو ۽ اسٽاف کان بريفنگ ورتي.