اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين نسل کي منشيات جي لعنت کان محفوظ رکڻ لاءِ اعليٰ تعلي??ي ادارن کي منشيات ۽ تماڪ کان پاڪ رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهن کي يونيورسٽين ۾ مفت تعليم ڏني وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن منشيات جي خاتم?? ۽ ??صوصي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ وائيس چانسلرز ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته منشيات ۽ تماڪ جي غل?? استعمال جي پا??يسي کي صدر جي هدايتن جي روشني ۾ حتمي شڪل ڏني وڃي، ايڇ اي سي 28 جولاءِ 2021ع تي پا??يسي جي منظوري ڏني، منشيات جي خاتمي واري وزارت منشيات جي استعمال کي روڪڻ، علاج جي حوالي سان معلومات فراهم ڪ??ڻ لاءِ موبائيل ايپ زندگي تيار ڪئي آهي، خصوصي شاگردن کي تعليمي، ٽيڪنيڪي ادارن ۽ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺڻ لاءِ 10 سالن تائين جي عمر ۾ نرمي فراهم ڪ??ي ويندي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته خصوصي شاگردن کي اعليٰ تعليم لاءِ ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي بل تي ڇوٽ ڏني ويندي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي اعليٰ تعلي??ي ادارن کي منشيات ۽ تماڪ جي استعمال کان پاڪ بڻائڻ جي ضرورت آهي، يونيورسٽين جي انتظاميه ۽ لاڳاپيل ادارا منشيات کي روڪڻ تي ڌيان ڏين ته جيئن نوجوانن کي تعليم لاءِ روزگار فراهم ڪ??ي سگهجي، تعلي??ي ادارا قوم جي تقدير جي جوڙجڪ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا آهن، هن چيو ته شاگردن کي منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ڪ??ڻ اڻٽر آهي، هن چيو ته منشيات جي خاتم?? ۽ ??ماڪ پا??يس?? ۽ ??صوصي شاگردن جي ڀلائي وارين پا??يسين کي جلد کان جلد لاڳو ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن منشيات کي روڪڻ بابت وئيس چانسلرز ڪميٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين پاران جوڙيل پا??يسين کي به ساراهيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان تعلي??ي ادارن ۾ منشيات کي روڪڻ ۾ مدد ملندي.